سندي ذات هنجن

سندي ذات هنجن

سندي ذات هنجن

سندي ذات هنجن (ڪتاب): تنقيد جي موضوع تي هي ڪتاب سنڌ جي مشهور اديب، نقاد ۽ سياستدان، رسول بخش پليجي جو لکيل آهي، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي مشهور دانشور محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. 1983ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ تنقيدي معيار مقرر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنل آهي ۽ ادب ۾ مدي خارج، رجعت پسند موضوع آڻڻ جي خلاف راءِ بيان ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 12 باب آهن، جن جا مک عنوان هن ريت آهن: (1) هوئج هوشيار، ترڪڻ آهي تڙ ۾، (2) خاص ادبي پڙي، (3) دلين جو درد- نئين کوجنا، (4) ڇـا ڏک رڳـو تبـاهه ڪندڙ آهن، (5) آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين، (6) خالص ادب جو ڍونگ، (7) ادب تخليق ڪرڻ لاءِ رڳو احساس ۽ جذبا ڪافي آهن ڇا؟، (8) ماضيءَ جو ادب، (9) دنيا کي لِيڪ، (10) اڳوڻو يورپي ترقي پسند ادب، (11) هڻ ٿي فريدا! شاد وَل . . . (12) نوان هِيرا. ڪتاب جو عنوان شاهه لطيف جي هن بيت مان کنيل آهي:
سر وڃايو سرهو، ڪوڙن ڪانيرن،
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، دودا دانهون ڪن،
سندي ذات هنجن، مُنهن کوڙي موتي چُڻي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1983ع ۾ سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد پاران ڇپيو. هتي ڏنل ڪتاب جو هي ٽئين ڇاپي وارو عڪس آهي، جيڪو سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو